ڊاڪٽر آخوند ھدايت الله  پريم

ڊاڪٽر آخوند ھدايت الله پريم

ھدايت الله پريم آخوند ڊاڪٽر

ھدايت الله پريمآخوند، ڊاڪٽر: هدايت پريم جي قلمي نالي سان لکندڙ هن اديب ۽ استاد جو پورو نالو ڊاڪٽر ھدايت الله آخوند آھي. 24 مارچ 1946ع تي تعلقي اوٻاوڙي، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم روھڙيءَ مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ ايم.اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ ڪيائين. ھن جا ٽي ڪتاب: ’سنڌي ٻوليءَ جا محقق‘، (ٻه ڇاپا، ٻيو ڇاپو وڌايل سڌاريل 2007ع) ’ٿر جي ٻولي‘ (پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ لکيل ڪتاب: 1995ع)، ۽ ’اترادي ٻولي ‘:(1996ع) شايع ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ ھدايت صاحب اٽڪل 80 کن مقالا پڻ لکيا، جن جو موضوع گھڻو ڪري لسانيات، سوانحيات ۽ ادب آھي، ھن صاحب 16 ڪھاڻيون پڻ لکيون، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آھن. هن جو هڪ ناول ”ازابيل“ 2006ع ۾ پڻ ڇپجي چڪو آهي. ھدايت آخوند، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1979ع ڌاري ليڪچرر طور مقرر ٿيو. 1986ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. 1987ع ۾ لنڊن جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتان 1989ع ڌاري لسانيات ۾ ڊپلوما ڪري وطن واپس آيو. 1995ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1997ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي. ھدايت آخوند 2000ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو ۽ ساڳئي سال شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رھيو. 2006ع ۾ رٽائر ڪيائين. هو 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري جو سيڪريٽري پڻ چونڊيو. ادبي سنگت جي پلئٽ فارم تان ھن ڪيترائي علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرايا. هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن پاران تجربيڪار پروفيسر طور سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيقي پراجيڪٽ تي 2007 کان 2009 تائين ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر ھدايت الله پريم 20 جنوري 2021ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.03.24  عيسوي

ھدايت الله ’ پريم ‘ ، ڊاڪٽر 24 مارچ 1946ع تي تعلقي اوٻاوڙي ، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو .


2021.01.20  عيسوي

ڊاڪٽر ھدايت الله پريم 20 جنوري 2021ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاٽائي شيخ طيب سنڌي
سيد محمد وريل شاهه سبزواري
عبدالرشيد لغاري
اياز حسين ابڙو
چانڊيو غلام قادر
ابڙو شيخ ھالاڻي
اسد الله ڀٽو پروفيسر
غلام رسول خاموش
سومر عطار
ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون